اردن فلسطينين کي پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

عمان (ويب ڊيسڪ) اردن جي شاهه عبدالله فلسطينين کي پناهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڪندي چيو آهي ته اردن فلسطيني پناهگيرن کي قتول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
جرمن چانسلر اولاف شولز سان برلن ۾ پريس ڪانفرنس دوران شاهه عبدالله چيو ته اردن ۽ مصر ۾ ڪو به پناهگير نه ايندو، اها صورتحال غزا ۽ اولهه ڪناري جي اندر ئي حل ٿيڻ گھرجي.
شاهه عبدالله فلسطيني پناهگيرن کي مصر يا اردن ۾ ڌِڪڻ جي ڪوششن خلاف خبردار ڪندي چيو ته اها هڪ ڳارهي ليڪ آهي، ڇو جو آئون سمجهان ٿو ته ڪجهه عام شڪي ماڻهن جو اهو منصوبو آهي ته اهي زمين تي حقيقي مسئلا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
سندس چوڻ هو ته اردن ۽ مصر ۾ ڪو به پناهگير ناهي، اڳواڻ تشدد روڪڻ ۽ غزا ۾ امداد جي پهچي جي اجازت ڏيڻ لاءِ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪري رهيا آهن.
هن تصديق ڪئي ته اردن، عمان ۾ 4 طرفي سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن، مصري صدر عبدالفتاح السيسي ۽ فلسطيني صدر محمود عباس شرڪت ڪندو.
بائيدن اسرائيل کان پوءِ اردن لاءِ روانو ٿيندو، جڏهن ته جرمن چانسلر ااردن جي بادشاهه سان ملاقات کان پوءِ اسرائيلي لاءِ روانو ٿيندو.
شاهه عبدالله خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ تڪرار کي ٻين ملڪن تائين پکيڙيو ويو ته وچ اوڀر ۾ سنگين صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي.
سندس چوڻ هو ته هڪ ڀيرو وري واضح طور تي حزب الله ۽ ايران کي خبردار ڪريان ٿو ته هو ان تڪرار ۾ مداخلت نه ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.