خوشخبري، سج جي روشني تي هلندڙ ڪار اچي وئي

هڪ گاڏي کي دنيا جي پهرين آف روڊ سولر پاورڪار قرار ڏنو ويو آهي جنهن مراڪش ۽ رڻ ۾ هڪ هزار ڪلوميٽرز جي آزمائش ڊرائيور مڪمل ڪري ورتي آهي.
اسٽيلا ٽيرا نالي ان گاڏي کي نيڌرلينڊ جي Eindhoven يونيورسٽي آف ٽيڪنالوجي جي شاگردن ڊزائين ڪيو آهي.
ٻن سيٽن وارين ان گاڏي هر قسم جي خراب رستن تي سفر مڪمل ڪيو آهي.
ان سپورٽ يوٽيلٽي وهيڪل (ايس يو وي) جي ڇت تي سولر پينلز لڳل آهن جيڪي سج جي توانائي کي اليڪٽرڪ بيٽري ۾ پهچائي گاڏي هلائين ٿا.
يعني اها گاڏي ڊگھي مفاصلي تائين رڳو سج جي روشني سان سفر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
90 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندڙ ان گاڏي جو وزن 12 سئو ڪلوگرام آهي ۽ سج جي روشني ۾ اها 440 ميل سفر ڪري سگھي ٿي.
ان کي ڊزائين ڪندڙ ٽيم موجب اها گاڏي اهڙن ڏورانهن علائقن لاءِ بهتري آهي جتي روڊ ناهن ۽ ٻارڻ حاصل ڪرڻ ڏکيو آهي.
ٽيم ۾ شامل ماڻهن ٻڌايو ته ان گاڏي جو سج جي روشني کي توانائي ۾ تبديل ڪندڙ نظام 97 سيڪڙو تائين اثرائتو ثابت ٿيو آهي.
هلڪي وزن جي ڪري ڏکين رستن تي ان جي تِرڪڻ جو امڪان به گھٽ آهي.
گاڏي ڊزائين ڪندڙ ٽيم ۾ شامل Thieme Bosman ٻڌايو ته اسان ان گاڏي جو سڀ ڪجهه پاڻ تيار ڪيو ۽ ان جو وزن روايتي ايس يو وي کان 25 سيڪڙو گھٽ آهي.
ان گاڏي ۾ ريچارج ايبل ليٿيم بيٽري موجود آهي جيڪا هن ان وقت مددگار ثابت ٿيندي جڏهن آسمان تي ڪڪر هوندا.
اها بيٽري سوج جي روشني مان ايتري بجلي پيدا ڪري ٿيو جو کاڌو پچائڻ ۽ ڊوائيسز کي چارج ڪرڻ به سولو آهي.
پر ان ڪاسيپٽ گاڏي کي وڏي پيماني تي تيار ڪرڻ هڪ چئلينج آهي.
Thieme Bosmanٻڌايو ته اسان چاهيون ٿا ته وڏيون ڪمپنيون پنهنجي گاڏين جي ڊزائين تي ٻيهر غور ڪن ۽ انهن کي بهتر بڻائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.