اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري ڇڏي جنهن ۾ نيب ترميمن خلاف فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون تحت هاڻ اپيل تي پنج رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪندي.
اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الاحسن نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏنيون هيون جڏهن ته جسٽس منصور علي شاهه نيب ترميمن کي درست قرار ڏيندي اختلافي نوٽ لکيو هو.
وفاقي حڪومت سُپريم ڪورٽ کان استدعا ڪئي آهي ته نيب ترممين واري قانون کي بحال ڪيو وڃي ۽ نيب ترميمون بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ناهي ۽ قانون سازي پارليامينٽ جو اختيار آهي.
اپيل ۾ فيڊريشن، نيب ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست گذار بئرسٽر احمد صديقي به پريڪٽس پروسيجر قانون تحت نيب ترميمن واري فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي جنهن ۾ نيب ترميمن خلاف فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.
درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته سُپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن واري ڪيس ۾ ڌر نه هو، سُپريم ڪورٽ نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ نيب ترميمن خلاف فيصلو ڏنو.
ان کان اڳ به ٻه درخواست گذار نيب ترميمن واري فيصلي جي خلاف سُپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري چڪا آهن.
You might also like