پاڪستان جو وڏو قدم، فلسطينين جي مدد لاءِ ميدان ۾ اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جو وڏو قدم سامهون اچي ويو، حڪومت فلسطينين لاءِ فوري طور انساني بنيادن تي امداد غزا رواني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزا ۾ انڌاڌند اسرائيلي جارحيت ۽ گهيري کي ڏسندي غزا جي اڳ کان مظلوم عوام کي انساني امداد جي فوري طور ضرورت آهي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته غزا ۾ پيش آيل انساني الميي کي نظر ۾ رکندي پاڪستان حڪومت فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏکن کي گهٽائڻ لاءِ فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد غزا رواني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته حڪومت فلسطيني هلال احمد سوسائٽي، گڏيل قومن جي لاڳاپيل ايجنسين، مصري حڪومت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز سان هم آهنگي ڪري رهي آهي ته جيئن پهچ جي طريقن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.