اميشا پٽيل پاران والدين تي ڪيس، نوان انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪارا اميشا پٽيل بابت انڪشاف ٿيو آهي ته 2004ع ۾ مالي معاملن ۾ بدانتظامي تي هن پنهنجي والدين خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.
اداڪارا پنهنجي عدالتي ڪيس ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته سندس والدين جي اڪائونٽس سان بدانتظامي ڪئي آهي جنهن تي کيس 12 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو اهي ۽ اهي کيس واپس ڏياريا وڃن.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي اميشا پٽيل جو چوڻ هو ته کيس پنهنجي والدين تي ڪيس داخل ڪرڻ تي ڪا به شرمندگي ناهي ڇو جو اداڪارا جي دولت تي سندس والدين جو ڪو به حق ناهي.
هن چيو ته سندس ناني ان وقت کيس سپورٽ ڪري رهي هئي ۽ هن جي والدين ناني کي به بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
واضح رهي ته بعد ۾ حالتون سڌرڻ بعد اداڪارا ۽ سندس والدين وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا ۽ سندن جهيرو ختم ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.