حزب الله جا اسرائيل تي راڪيٽن ۽ ميزائيلن سان حملا

بيروت (ويب ڊيسڪ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله لبناني علائقن تي بمباري جي جواب ۾ اسرائيل تي راڪيٽن ۽ ٽينڪ شڪن ميزائلن سان حملو ڪيو آهي.
حزب الله جي انتظام هيٺ هلندڙ سيٽلائيٽ ٽي وي المنار ٽي وي موجب حزب الله طرفان شيبا فارمز جي سرحدي علائقي ۾ اسرائيلي فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ويو آهي.
حزب الله موجب حملي ۾ راڪيٽن، ٽينڪ شڪن گائيڊڊ مزائل ۽ مارٽر گولن جو استعمال ڪيو ويو.
حزب الله جو چوڻ هو ته اها ڪارروائي اسرائيل جي مبباري جو جواب آهي.
ٻي پاسي عرب ميڊيا چيو آهي ته لبنان مان ٿيل حملي ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوج زخمي ٿيا آهن، هڪ زخمي اسرائيلي فوجي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.