مطلب جو ساٿي نه ملڻ تي عورت پاڻ سان شادي ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا سان واسطو رکندڙ عورت ساٿي نه ملڻ تي پاڻ سان ئي شادي ڪري ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اها دلچسپ ۽ عجيب شادي برطانيا جي علائقي فيلڪسٽو جي رهواسڻ سارا ولڪنسن نالي عورت ڪئي آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته عورت جي عمر 42 سال آهي جيڪا بهترين ساٿي جي ڳولا ۾ هئي پر ڪو پرفيڪٽ ميچ نه ملڻ تي هن پاڻ سان ئي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب عورت 20 سالن کان پنهنجي شادي لاءِ پيسا گڏ ڪري رهي هئي پر بدقسمتي سان کيس ڪو به گھوٽ نه مليو جنهن کان پوءِ هن پنهنجي شادي لاءِ گڏ ڪيل پيسن سان ئي شادي ڪري ڇڏي.

 Is 'Mr Right' No Longer A Thing? This British Woman Married Herself After She Didn't Find A Perfect Match
عورت شادي ڌوم ڌام سان شادي ڪئي جنهن سندس دوست ۽ مائٽن به شرڪت ڪئي جڏهن ته عورت پنهنجي لاءِ شادي جي منڊي به خريد ڪئي ۽ پاڻ ئي پهري.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عورت ٻڌايو ته اهو سندس زندگي جو خوبصورت ترين ڏينهن هو ۽ هوءَ تقريب ۾ ڌيان جو خاص سبب رهي.
عورت وڌيڪ چيو ته منهنجو لائيف پارٽنر ناهي ته ڇا ٿيو آئون ان خوشي جي موقعي کي زيان نه ڪنديس.
رپورٽس موجب عورت جي شادي ۾ 40 جي ويجهو مهمانن شرڪت ڪئي، شادي جون سموريون رسمون به ادا ڪيون ويون ۽ شادي تي عورت طرفان 10 هزار پائوڊ خرچ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.