ڄاموشورو پوليس ڏوهارين سان مبينا مقابلي دوران نينگر مرتضيٰ ملاح جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ايس ايس پي ڄامشورو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 8 ڏينهن مبينا بدفعلي بعد قتل ڪيل نينگر مرتضيٰ سولنگي جي قتل ۾ ملوث جوابدار جو اطلاع ملڻ تي خاصائي لڳ قبن واري موري وٽ سي آءِ ۽ کاڻوٺ پوليس ڇاپو هنيو ته جوابدار ڪامران عرف ڪامو رند پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هو مارجي ويو آهي.
ايس ايس پي ڄامشورو جو چوڻ هو ته مارجي ويل جوابدار ڊي اين اي سيمپل وٺڻ کان پوءِ غائب ٿي ويو هو، گذريل ڏينهن ڊي اين اي رپورٽ ملي جنهن ۾ سندس ملوث هجڻ جي تصديق ٿي هئي.
ايس او ٽي