سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف ريليون، ڌرڻا، احتجاجي مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن جيڪب آباد بدين ۽ گمبٽ ۾ فلسطين تي اسرائيلي مبمباري ۽ فلسطينين جي حق ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

جيڪب آباد ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سياسي سماجي واپاري مذهبي ۽ وڪيلا برادري پاران عابد علي، عيد محمد ڊومڪي، زين العابدين ڪٽبر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڊي سي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي .

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اڄ اسان پنهنجن فسلطيني ڀائرن جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي آهي اسان فلسطينين سان گڏ آهيون، پاڪستان جي حڪمرانن کي اپيل ٿا ڪيو فلسيطني ڀائرن جو آواز بلند ڪن.

بدين ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل، جماعت مرڪزي اهلسنت ولجماعت، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ ٻين تنظيمن پاران فلسطين تي اسرائيلي بمباري خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

ان موقعي تي اڳواڻن شيعا علما ڪائونسل جي مولانا بھادر ميمڻ ـ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي نادر ميمڻ ـ جمعيت علما اسلام جي عبدالرحيم گوپانگ  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پوري دنيا جي مسلمان ملڪن کي اپيل ڪريون ٿا ته فلسطين جو ساٿ ڏئي اسرائيل کي دنيا جي نقشي تان ھٽايو وڃي هزارين فلسطيني ٻارن، عورتن ۽ پيرسنن کي شهيد  ڪيو ويو آهي.

گمبٽ ۾ فلسطین سان يڪجهتي لاء اهلتشيع اهلسنت ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران جامع مسجد کان پريس ڪلب گمبٽ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن مولوي ذالفقار مفڪري مختيار منگي استاد قادربخش منگي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ملسمان ملڪن کي هڪ ٿي فلسطين جي مدد ڪرڻ گھرجي.

احتجاج ڪندڙن انساني حقن جي عالمي تنظيمن ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته فسلطينين مٿان اسرائيلي بمباري روڪرائي فلسطينين کي پنهنجا حق ڏنا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.