پي ٽي آءِ ڇڏڻ بابت سوال تي پرويز الاهي ڇا چيو؟

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پوريز الاهي چيو آهي ته پي ٽي آءِ نه ڇڏيندس ۽ جيل انڪري ڪاٽي رهيو آهي.

جڊيشل ڪمپليڪس ۾ صحافي پرويز الاهي کان سوال ڪيو ته ٻڌو آهي ته اوهان سان پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڊيالا جي ۾ ڪا پيغام رسائي ٿي آهي، ڇا ٽڪيٽن جي ورڇ بابت تجويزون گهريون ويون آهن، جنهن تي پرويز الاهي انڪار ڪندي چيو ته اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي ٿي.

پرويز الاهي چيو ته جيل ۾ سٺو کاڌو نه پيو ڏنو وڃي، فوڊ پوائزنگ ٿي وئي آهي، صحت ۾ سڌارو ناهي، ڏاڍي تڪليف سان هتي پهتو آهيان.

صحافي پرويز الاهي کان سوال ڪيو ته پي ٽي آءِ ۾ شامل رهندئو يا ڇڏي ڏيندئو؟ جنهن تي هن چيو ته پي ٽي آءِ نه ڇڏيندس، انڪري جيل ڪاٽي رهيو آهيان.

صحافي چيو ته نواز شريف قيد هو ته مونس الاهي چوندو هو پٽ کيس پڇڻ به نٿا وڃن، هاڻ اوهان مشڪل ۾ آهي ته اوهان جو پٽ ڇو نه پيو اچي؟ .

پرويز الاهي جواب ڏنو ته مون کي ڪا به ڏکيائي ناهي، خدا جو شڪر آهي ٺيڪ آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.