اسرائيل جي شام جي هوائي اڏن تي بمباري

دمشق (ويب ڊيسڪ) شامي راڄڌاني دمشق جي ايئرپورٽ تي اسرائيلي فوج بمباري ڪئي آهي.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي هوائي فوج شامي راڄڌاني دمشق سوڌو حلب جي ايئرپورٽ تي به بمباري ڪئي آهي.
دمشق جي هوائي اڏي تي اسرائيلي مبمباري کان پوءِ ايئرپورٽ مان دونهين اٿندي ڏٺو ويو، اسرائيلي بمباري جي ڪري هوائي اڏن جي رن کي نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن.
رپورٽ موجب دمشق تي بمباري ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي امڪاني دوري کان ڪجهه دير اڳ ڪئي وئي.
عرب ميڊيا جو چوڻ هوته شامي بوج طرفان به اسرائيلي جهازن تي ميزائل سان جوابي حملا ڪيا ويا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسرائيل دعويٰ ڪئي هئي ته شام طرفان اسرائيل تي راڪيٽ حملا ڪيا ويا آهن.
ٻي پاسي شامي صدر بشار الاسد ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي فون ڪري فلسطين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.
شامي خابرو ادري موجب ٻنهي ملڪن جي صدرن فلسطيني عوام جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.
ٻنهي جو چوڻ هو ته فلسطينين کي دفاع جو حق به آهي ۽ مزاحمت به جائز آهي، شهري آبادين کي نشانو بڻائي اسرائيل جنگي ڏوهن ۾ ملوث ٿيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.