ڀارتي ميجر جو پنهنجي ئي ساٿين تي حملو، 4 آفيسرن سوڌو 6 فوجي زخمي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت فوج جي ميجر حملو ڪري چئن آفيسرن سوڌو 6 فوجين کي زخمي ڪري ڇڏيو، ميجر فائرنگ سان گڏ گرنيڊ به اڇلايا.
والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي نفسياتي مريض بڻجي ويا آهن، ۽ رڳو 6 مهينن دوران ٽي ڀيرا هڪ ٻئي تي قاتلاڻا حملا ڪري چڪا آهن.
ٽئين واقعي ۾ والاريل ڪشمير ۾ مقرر ڀارتي فوج جي ميجر پنهنجي ئي ساٿين تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ چئن آفيسرن سوڌو 6 فوجي زخمي ٿيا، ۽ هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب واقعو راجوڙي جي ٿاڻي منڊي ايريا ۾ پيش آيو، جتي ڀارتي ميجر پنهنجي ساٿين تي فائرنگ سان گڏ گرنيڊ به اڇلايا، ۽ ڪيترن ئي فون کي يرغمال به بڻائي رکيو.
رپورٽ موجب ڀارتي ميجر ساٿين تي فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ يونٽ جي اسلحي جي گودام ڏانهن ڀڳو ۽ ان ۾ پناهه ورتي، جڏهن ته پنهنجي ئي ميجر جي بغاوت کان پوءِ ڀارتي فوج گھٻرائجي ويجها ڳوٺ خالي ڪرائي ڇڏيا.
بغاوت ڪندڙ ميجر خلاف عدالتي ٻڌڻي شروع ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.