ڌيءَ جي رخصتي تي ڏاڍو روئيندس: عامر خان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان چيو آهي ته سندس ڌيءَ آرا خان جي رخصتي تي هو گھڻو روئندو.
ڀارتي ميڊيا موجب هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ اداڪار عامر خان ٻڌايو ته هو گھڻو جذباتي شخص آهي جنهن تي ميزبان طرفان سوال ڪيو ويو ته ڌيءَ جي رخصتي تي اوهان جو ردعمل ڪيئن هوندو؟ سوال جي جواب ۾ اداڪار چيو ته ان ڏينهن آئون گھڻو روئندس.
عامر خان موجب منهنجي گھر وارن هاڻي کان ئي ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن ته ان ڏينهن عامر خان کي سنڀالجو.
انٽرويو دوران اداڪار چيو ته جذباتي هجڻ جي ڪري نه آئون پنهنجا ڳوڙها لِڪائي سگهان ٿو ۽ نه ئي پنهنجي مُرڪ، جيئن جيئن ڌيءَ جي رخصتي جا ڏينهن ويجهو ايندا ائون وڌيڪ جذباتي ٿيندو رهندس ڇو جو اهو مون لاءِ خاص لمحو هوندو جنهن جو آئون انتظار ڪري رهيون آهيان.
پنهنجي ناٺي نوپور شيکر بابت به ڳالهائيندي اداڪار ٻڌايو ته نوپور هن لاءِ پٽ جهڙو آهي، جيڪو منهنجي نياڻي سان هر سٺي ۽ بري وقت ۾ گڏ رهيو ۽ ٻئي هڪ ٻئي جو خيال به رکندا آهن.
واضح رهي ته عامر خان جي ڌيءَ آرا خان گذريل سال 18 نومبر تي فٽنس ٽرينر ۽ پنهنجي ويجهي دوست نوپور شيکر سان مڱڻي ڪئي هئي ۽ هاڻ ايندڙ سال 3 جنوري تي شادي جي تاريخ طئي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.