پاڪستان ٽيم جو حيدآباد دکن کان احمد آباد پهچڻ تي شاندار آڌرڀاءُ، وڊيو ڏسو

احمد آباد (ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت ۾ موجود پاڪستاني ٽيم جو حيدرآباد دکن کان احمد آباد پهچڻ تي هوٽل ۾ شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو، رانديگرن کي روايتي شال پيش ڪئي وئي.

ان کان اڳ چارٽر فلائيٽ ۾ قومي ٽيم ڪيڪ ڪٽي سريلنڪا خلاف فتح جو جشن ملهايو.

ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مئنيجينٽ ڪميٽي جو سربراهه چيئرمين ذڪاءَ اشرف به اڄ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي دعوت تي ڀارت لاءِ روانو ٿيندو جتي هو 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ورلڊ ڪپ ميچ جي موقعي تي پاڪستان ٽيم جي حوصلا افزائي لاءِ موجود هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.