سوزوڪي ڪلٽس 2023 جو نئون ماڊل اچي ويو، اگهن جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوزوڪي موٽرز پاڪستان ۾ ڪلٽس جو نئون 2023 ماڊل متعارف ڪرايو آهي جنهن ۾ پرڪشش ڊيزائن سان گڏ نوان فيچرز شامل آهن.

پاڪستان ۾ سوزوڪي موٽرز ڪلٽس جي 2023 ماڊل ۾ ڊبل ايس آر ايس ايئر بيگز آهن، جيڪي ڊرائيور ۽ مسافرن ٻنهي جي حفاظت کي يقيني بڻائي رهيا آهن.

سوزوڪي ڪلٽس 2023 ٽن مختلف قسمن ۾ موجود آهي.

Suzuki Cults VXR جي قيمت 3718,000 روپيا آهي.

خوبصورت رنگن، آرام ۽ جديد فيچرز سان Suzuki Cults VXL جو ٻيو ماڊل 40 لک 84 هزار روپين ۾ موجود هوندو .

سوزوڪي ڪلٽس آٽو گيئر شفٽ جي قيمت 43 لک 66 هزار روپيا آهي.

هي ماڊل خودڪار ٽرانسميشن ميلاپ سان گڏ هڪ نئون ڪلٽ شاهڪار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.