غزا (ويب ڊيسڪ) غزا جي پٽي تي اربع ڏينهن بدترين فضائي حملن کانپوءِ اسرائيل چيو آهي ته اسان حماس جي سرحدي علائقن جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي ۽ شديد بمباري کانپوءِ هاڻ جلد زميني ڪارروائي شروع ڪرڻ جو امڪان آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب غزا ۾ امڪاني اسرائيلي زميني دراندازي کان اڳ انهن هنڌن تي ڇڪتاڻ وڌڻ جا خدشا آهن، جتي حماس ڇنڇر ڏينهن يهودي وسندين تي زميني، فضائي ۽ سامونڊي حملا شروع ڪيا هئا.
غزا جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڇنڇر کان هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 950 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 هزار زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جو انگ 1200 تائين پهچي ويو آهي ۽ 2700 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، گڏوگڏ 1500 ويڙهاڪن جا لاش مليا آهن.
اسرائيلي فوج غزا ڀرسان ۽ لبنان سان گڏ اتر سرحد تي 3 لک ريزرو فوجين ۽ وڏي پئماني تي ٽينڪن ۽ ٻين ڳرن هٿيارن جي طلب ڪئي آهي.
فوج چيو ته فورسز وڌي پئماني تي غزا جي ڀرپاسي جنگ سٽيل ڏکڻ ۽ سرحد تي ٻيهر قبضو ڪري ورتو آهي ۽ 12 کان وڌيڪ علائقن مان حماس جي ويڙهاڪن کي بي دخل ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like