ڪراچي: مقتول غلام سرور چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا، نياڻيون انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل

ميهڙ ڀرسان ڳوٺ ٻيٽو جتوئي ۾ قتل ٿي ويل غلام سرور چانڊيو جي نياڻين پاران ٽن ڏينهن کان احتجاج ڪرڻ باوجود ڪنهن به سندن احتجاج جو نوٽيس ناهي ورتو ۽ نه ئي ڪو کين آٿت ڏيڻ لاءِ لڙي آيو آهي نياڻيون ڏينهن رات ڪراچي پريس ڪلب ڀرسان فٽ پاٿ تي انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل آهن.

مقتول غلام سرور چانڊيو جي نياڻين ريشما ۽ صائما غوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته نادر مگسي بااثر آهي ته گھٽ ۾ گھٽ ٻين جوابدارن کي ته گرفتار ڪيو وڃي سوچيوسين ته ڪراچي وڏو شهر آهي اسان جي ٻڌي ويندي پر هتي به ڪو ٻڌڻ وارو ناهي،وڏيري نادر مگسي اسان جي بابا کي بيگناهه قتل ڪرايو آهي.

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي بابا جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.