مسلم ليگ ن جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي نواز شريف جي آجيان لاءِ دعوت ڏيڻ آيا آهيون، پاڪستان جي خوشين ۾ سڀني کي شريڪ ڪرڻ چاهيون ٿا.
مسلم ليگ ن جي ڪنوينر بشير ميمڻ، اڳوڻي گورنر محمد زبير۽ کيئل داس ڪوهستاني ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چي آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي نواز شريف جي استقبال لاءِ دعوت ڏيڻ آيا آهيون، اسان کي ميڊيا ڪوريج جي ضرورت آهي، مختلف اسٽيشنز تي نواز شريف جي آجيان ڪئي ويندي.
هنن چيو ته پاڪستان جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاھور وڃي رھيا آھيون، پاڪستان جي خوشين ۾ سڀني کي شريڪ ڪرڻ چاھيون ٿا، ميان نواز شريف سڀني کان وڌيڪ پاڪستان کي ترقي ڏني آھي، سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻي نواز ليگ سان بيھڻ گھرجي، نواز شريف ئي ملڪ کي ترقي وٺرائي سگھي ٿو،