روهت شرما هڪ ئي ميچ ۾ ڪيئي رڪارڊ ٻهاري ويو!

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي نائين ميچ ۾ ڀارت ڪپتان روهت شرما جي رڪارڊ ساز اننگز جي مدد سان افغانستان کي اٺن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايونٽ ۾ مسلسل ٻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.

ميچ ۾ روهت شرما پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي 31 هين سينچري اسڪور ڪرڻ سان گڏ ڪيئي رڪارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيا آهن.

ڀارتي ڪپتان روهت شرما انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا ۽ عالمي ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.

هدف پٺيان ڊوڙيندي ڀارتي ڪپتان افغانستان خلاف اننگز ۾ پنهنجي انٽرنيشنل ڪيريئر جو 554 هون ڇڪو هڻي اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر ڪرس گيل کي پوئتي ڇڏي ڏنو.

ڪرس گيل پنهنجي عالمي ڪيريئر ۾ 553، پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي 476، نيوزيلينڊ جي برينڊن ميڪلم 398 ڇڪا هنيا.

روهت شرما افغانستان خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪئي جنهن کانپوءِ هو پنهنجي هم وطن ۽ مهان بيٽر سچن ٽنڊولڪر کي پوئتي ڇڏيندي عالمي ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ ست سينچريون هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو آهي.

روهت شرما 19 اننگز ۾ ستين سينچري اسڪور ڪئي، ان کان اڳ ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ سنيچريون اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ ڀارت جي سچن ٽنڊولڪر وٽ هو جنهن 44 اننگز ۾ 6 سينچريون ٺاهيون هيون.

افغانستان خلاف روهت جي سينچري ڀارت طرفان ورلڊ ڪپ ۾ تيز ترين سينچري پڻ آهي، هن 64 بالن تي چئن ڇڪن ۽ ٻارنهن چوڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪئي.

ان کان اڳ ڀارتي ڪپتان ڪپل ديو 1983 واري ورلڊ ڪپ ۾ 72 بالن تي سينچري ٺاهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.