حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف شاندار فتح کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن حيدرآباد دکن جي گرائونڊ اسٽاف تحفن سان نوازي ڇڏيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن اسٽيڊيم جي گرائونڊ اسٽاف سان گڏ تصويرون ڪڍرايون جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم پنهنجي جرسي به تحفي ۾ ڏني.
آءِ سي سي قومي ٽيم جي رانديگرن جي گرائونڊ اسٽاف سان گهاريل لمحن جي وڊيو پڻ شيئر ڪئي جنهن کي مداحن طرفان تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي.
View this post on Instagram