انڌي دنيا جي اکين جو نور موٽي آيو: ڀارتي اداڪارا جو فلسطين جي حق ۾ بيان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) حماس جي اسرائيل تي حملي کان پوءِ مشهور ڀارتي اداڪارا گوهر خان فلسطين جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي.
اداڪارا گوهر خان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فلسطينين جي حق ۾ پنهنجو پيغام جاري ڪيو.
گوهر خان پنهنجي پيغام ۾ انهن ماڻهن کان سوال ڪيو ته جيڪي حماس اسرائيل تي حملي کان پوءِ اسرائيل کي مظلوم ڏيکاري رهيا آهن.
ڀارتي اداڪارا سوال ڪيو ته ”ظالم ڪڏهن کان مظلوم ٿي ويو؟“.
هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان فلسطين تي جاري ظلم تي انڌي بڻيل دُنيا جي اکين جو نور هاڻي موٽي آيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.