پاڪستانين کي ويزائون جاري نه ڪرڻ تي آءِ سي سي جو بيان سامهون اچي ويو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي ون ڊ ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني صحافين ۽ تماشائين کي ويزائون جاري نه ڪرڻ تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو بيان سامهون آيو آهي.

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ تماشائين جي غير دلچسپي جو نوٽيس وٺندي صورتحال جي سنگيني کي قبول ڪيو ۽ خاطري ڪرائي ته معاملي کي فوري طور حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

آءِ سي سي ترجمان موجب، پي سي بي کي خاطري ڪرائي وئي آهي، معاملي کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جلد نتيجي تي پهچي وينداسين.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آءِ سي سي سان عالمي ڪپ جي ويزا پاليسي تي ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪندي تماشائين ۽ صحافين جي ويزائن واري معاملي تي ڳڻٽي جو اظهار ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.