محمد رضوان سعود شڪيل کي مستقبل جو اسٽار قرار ڏئي ڇڏيو

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ بيٽر محمد رضوان چيو آهي ته سعود شڪيل مستقبل جو اسٽار آهي.

عالمي ڪپ جي پهرين ميچ ۾ نيڌرلينڊز کي 81 رنسن تان شڪست ڏيڻ بعد پي سي بي طرفان ميچ جي ٻن ٽاپ اسڪورر محمد رضوان ۽ سعود شڪيل جي وڊيو جاري ڪئي آهي.

وڊيو ۾ محمد رضوان چيو ته وڏن ايونٽ ۾ شروعات سٺي هئڻ گهرجي، اهڙن ايونٽن ۾ ايندڙ مرحلا ڏکيا هوندا آهن، عالمي ڪپ جو هڪ الڳ دٻاءُ هوندو آهي، ٽيم جي فتح سان اعتماد ملندو آهي.

هن چيو ته نيڌرلينڊز خلاف فتح اسان لاءِ ضرروي هئي، اِهو اعتماد اسان کي ايندڙ ميچن ۾ گهڻو ڪم ڏيندو، جتي رنسون ٺاهڻ جو موقعو ملندو آهي اتي رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

سندس چوڻ هو ته سڀني جي ذهن ۾ اِها ڳالهه هئي ته فلحال اسان جو ٽاپ آرڊر آئوٽ آف فارم آهي، ٽيم گذريل هڪ ٻن سالن دوران ٽاپ آرڊر جي ڪارڪردگي سبب نمبر ون بڻي.

وڪيٽ ڪيپر بيٽر چيو ته جيڪي ماڻهو مڊل آرڊر خلاف آواز اُٿاري رهيا هئا، هيءَ پرفارمينس کين جواب هئي.

سعود شڪيل بابت محمد رضوان چيو ته سعود محنت سان هن مقام تي پهتو آهي، هن محنت ۽ فٽنس برقرار رکي ته مستقبل جو اسٽار هوندو.

ٻئي پاسي سعود شڪيل چيوته هو ڪوڙ نه ڳالهائيندو، پهرين ميچ ۾ ٿورو نروس هو.

هن ٻڌايو ته جڏهن ميچ شروع ٿيندي آهي ۽ اوهان ميدان ۾ ويندا آهيو ته پوءِ سڀ شيون وساري ڇڏيندا آهيون، جڏهن وڪيٽون جلدي ڪِرنديون آهن ته دٻاءُ هوندو آهي، دٻاءُ ۾ هاڪاري ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

سعود شڪيل چيو ته هو ڪجهه مهينن کان پنهنجي اسڪلز تي ڪم ڪري رهيو هو، ڪوشش هئي ته اِهي اسڪلز ميدان ۾ ورجايان.

هن وڌيڪ چيو ته محنت جو نتيجو مليو جنهن تي تمام گهڻي خوشي ٿي، جڏهن ته رضوان سينيئر پليئر آهي، هن وٽان سکڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.