ورلڊ ڪپ: مهدي ۽ شانتو ڇائنجي ويا، بنگلاديش جي افغانستان کي شڪست

ڌرمشالا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ٽين ميچ ۾ بنگلاديش افغانستان کي ڇهن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.

بنگال ٽائيگرز 157 رنسن جو هدف 35 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، بنگلاديش جو نجم الحسن شانتو 59 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو، ٻين رانديگرن ۾ مهدي حسن ميراز 57، لٽن داس 13، شڪيب الحسن 14 ۽ تنزيد حسن 5 رنسون ٺاهيون.

افغانستان جي فضل حق فاروقي، نوين الحق ۽ عظمت الله عمر زئي هڪ، هڪ حاصل ڪئي.

ان کان اڳ ڌرمشالا جي هماچل پرديش ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

افغانستان طرفان اوپنر رحمان الله گُرباز 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ان کانسواءِ ابراهيم زدران 22. رحمت شاهه ۽ حشمت الله شاهدي 18،18  ۽ عظيم عمر زئي 22 رنسون ٺاهيون.

نجيب الله زدران 5 ۽ محمد نبي 6 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، راشد خان 9 ۽ مجيب الرحمان هڪ رنس ئي ٺاهي سگهيو.

بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن ۽ مهدي حسن 3،3 جڏهن ته شرف السلام 2 ۽ تسڪين احمد، مستفيض الرحمان 1، 1 وڪيٽ حاصل ڪئي.

شاندار  آل رائونڊر پرفارمنس تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.