ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لمس پاڪستان هارين جي سهولت لاءِ پنهنجي ويب سائيٽ limspakistan.com شروع ڪري ڇڏي آهي.
لمز پاڪستان (لمز) جي هي ويب سائيٽ زراعت ۾ جدت طرف لمز جو هڪ انقلابي قدم ثابت ٿيندي.
هن ويب سائيٽ جي مدد سان هاري پنهنجي زمين بابت بروقت معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا.
ويب سائيٽ جي مدد سان پاڻي، ڀاڻ، اسپري ۽ ٻج جي استعمال ۾ بچت ٿيندي ۽ نتيجي ۾ پيداوار ۾ واڌارو ٿيندو.
لمز هارين کي صلاح ڏني ته ربيع جي فصلن لاءِ هن ويب سائيٽ مان فائدو وٺن، ننڍن هارين کي هن ويب سائيٽ تان سموريون سهولتون ۽ ڄاڻ مفت ملندي.