اوسلو ( ويب ڊيسڪ ) ايران سان واسطو رکندڙ عورتن جي حقن جي علمبردار نرگس محمدي امن جو نوبيل انعام پنهنجي نالي ڪري ورتو.
نرگس محمدي کي ايران ۾ عورتن مٿان ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اُٿارڻ تي امن جو نوبيل انعام جو حقدار قرار ڏنو ويو.
نوبيل ڪميٽي جي سربراهه بيرٽ ريس اينڊروسن جو چوڻ آهي ته امن جو نوبيل انعام انساني حقن ۽ آزادي لاءِ نرگس محمدي جي جدوجهد جو اعتراف آهي.
2023 #NobelPeacePrize laureate Narges Mohammadi’s brave struggle has come with tremendous personal costs. The Iranian regime has arrested her 13 times, convicted her five times, and sentenced her to a total of 31 years in prison and 154 lashes. Mohammadi is still in prison. pic.twitter.com/ooDEZAVX01
— The Nobel Prize (@NobelPrize) October 6, 2023
امن ڪميٽي موجب، نرگس محمد عورتن جي حقن ۽ آزادي جي تمام ڳري قيمت چڪائي.
نرگس محمدي کي تيرنهن ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، کيس مختلف الزامن هيٺ مجموعي طور ايڪٽيهه سال قيد ۽ 154 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي.
نرگس محمدي تهران جي ايوان جيل ۾ قيد ۽ ڪيئي ڪيسن کي منهن ڏئي رهي آهي.
نرگس محمد هڪ غيرسرڪاري فلاحي اداري ڊيفينڊرز آف هيومن رائٽس سينٽر جي نائب سربراهه پڻ آهي، جيڪو 2003 ۾ امن جو نوبيل انعام کٽيندڙ شيرين عباسي هلائيندي آهي.