موبائيل فون پاڻي ۾ ڪِري پوي ته ڇا ڪرڻ گھرجي؟

طبيعت ناساز هجي ته ايتري فڪر جي ڳالهه ناهي هوندي، پر موبائيل فون صحيح نه هلي ته اهو ڳڻتي جوڳو آهي، موبائيل واهپيدارن لاءِ موبائل نه هلڻ ڪنهن هارٽ اٽيڪ کان گھٽ ناهي هوندو.

اڄ جي دور ۾ متان ئي ڪو هجي جيڪو موبائيل فون جي بخار ۾ مبتلا نه هجي، اهو ئي سبب آهي جو هر وقت هر جاءِ تي ماڻهن جي هٿن ۾ موبائيل فون ئي نظر ايندا آهن.

پر هر وقت موبائيل فون جو اهو بخار اوهان کي ڪڏهن ڪڏهن سنگين حادثن جي ور به چاڙهي سگھي ٿو.

پر جيڪڏهن ڪڏهن به موبائيل پاڻي ۾ ڪري پوي ته ساهه مٺ ۾ اچي وڃڻ جهڙي ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي.

پاڻي ۾ ڪرڻ سان فون گھڻو ڪري خراب ٿي ويندا آهن، پر هاڻي اوهان گھر ويٺي ئي هڪ ٽوٽڪي جي مدد سان ان کي صحيح ڪري سگھو ٿا.

هڪ تحقيق موجب اهو طريقيڪار اوهان لاءِ معجزاڻي طور تي ڪم ڪري سگھي ٿو، جيڪڏهن اوهان جو موبائيل فون پاڻي ۾ ڪِري پوي ته ان کي ڪنهن ڪپڙي سان صاف ڪرڻ بعد چانورن جي دٻي ۾ 48 ڪلاڪن لاءِ وجهي ڇڏيو.

خشڪ چانور اوهان جي فون مان سڄو پاڻي جذب ڪري وٺندا، پر ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو ته اوهان بيٽري ۽ سم ڪارڊ ضرور ڪڍي وٺو.

واضح رهي ته پنهنجي فون کي خشڪ ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به بلو ڊرائر جو استعمال نه ڪريو. گرم هوا ڊوائيس لاءِ نقصانڪار هوندي آهي، ان جي ڪري گھم اوهان جي موبائيل ڊوائيس جي ٻين حصن تائين به پهچي سگھي  ٿي.

اوهان موبائيل جي گھم کي ختم ڪرڻ لاءِ ويڪيوم ڪلينر جو به استعمال ڪري سگھو ٿا، پر ويڪيوم ۽ فون وچ ۾ ٿورو مفاصلو ضرور رکو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.