عالمي مارڪيٽ ۾ لاٿ باوجود مُلڪ ۾ سون سوين رُپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ باوجود مقامي سطح تي سون مهانگو ٿي ويو.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ٽي ڊالر گهٽجي 1811 ڊالر ٿي وئي آهي جڏهن ته مقامي سون بازارن ۾ ان جي ابتڙ في تولو سون سوين رُپيا مهانگو ٿي ويو آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولي سون ۾ 2837 رُپيا مهانگو ٿيڻ بعد هڪ لک 90 هزار چار سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون جي قيمت هڪ لک 63 هزار 237 رُپيا ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.