نوجوان برطانوي شهزادي کي پويان ڪتڪتاڙيون ڪري ڇرڪ ڪڍي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي شهزادي ڪيٽ مڊلٽن کي اسپورٽس سينٽر جي دوري دوران هڪ ڇوڪري اوچتو ڪتڪتاڙيون ڪري حيران ڪري ڇڏيو.

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو گھڻي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ 41 سالن جي ڪيٽ مڊلٽن اسپورٽس سينٽر جي دوري تي اوچتو نوجوان طرفان ڪتڪتاڙيون ڪرڻ سان گھٻرائجي وئي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب شهزادي ڪيٽ مڊلٽن اوڀر يورڪشائر ۾ معذور رگبي رانديگرن سان ملڻ اسپورٽس سينٽر وئي هئي جتي اهو منظر ڪيمرا جياک ۾ قيد ڪيو ويو.

The rugby player exclaimed 'boo' before tickling the Princess' waist from behind- causing quite the shock

وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته جڏهن شهزادي هڪ ڇوڪري سان ڳالهائي ٿي ته هن جي پٺيان هڪ ٻيونوجوان اچي ٿو ۽ اهو دوستاڻي انداز ۾ شهزادي ڪيٽ جي چيلهه تي ڪتڪتاڙيون ڪڍي ٿو.

جيئن ئي نوجوان اهو عمل ڪري ٿو ته ڪيٽ گھٻرائجي وڃي ٿي پر بعد ۾ دوستاڻي انداز۾ مُرڪي ڇوڪري سان ڳالهائي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.