نيپرا، ڪراچيءَ جي شهرين تي بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيپرا ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي چار رُپيا 45 پئسن في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي گذريل مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏني.

نيپرا موجب، ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کان اضافي اوڳاڙيون آڪٽوبر ۽ نومبر 2023ع جي بلن ۾ ڪيون وينديون، ڪي اليڪٽرڪ لاءِ في يونٽ بجلي 1.49 رُپين کان 4.45 رُپين تائين مهانگي ڪئي وئي آهي.

نيپرا جي منظوري جي فوري بعد حڪومت به ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهه ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.