لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته اڄ آفيس ۾ آخري ڏينهن پوءِ هو وطن لاءِ روانو ٿي ويندو.
لنڊن ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي نواز شريف چيو ته هو سندس حق ۾ ۽ خلاف لکڻ وارن سمورن صحافين جو ٿورائتو آهي.
هن چيو ته معاشري ۾ صحافت جو اهم ڪردار آهي، عوام صحافين جي راءِ کي اهميت ڏيندو آهي، صحافين افواهن، چغلي ۽ بهتان بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ تنقيد براءِ اصلاح هئڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اڄ آفيس ۾ آخري ڏينهن ۽ پوءِ هو ڏيهه روانو ٿي ويندو.
اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مريم اورنگزيب سميت ٻين عورتن جو لنڊن ۾ گهيراءُ ڪيو ويو، هتي پاڪستانين جي مظاهرن جو چئن سالن دوران ڪهڙو فائدو ٿيو آهي؟ مظاهرا ڪرڻا آهن ته پاڪستان وڃي ڪريو.