ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو پنهنجي ٻئي پٽ مير سجاول محمود چوڌري جي سالگرهه تي وڊيو سان گڏ پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
بختاور ڀٽو زرداري 27 نومبر 2020ع تي دبئي جي ڪاروباري شخصيت محمود چوڌري سان شادي ڪئي هئي ۽ هڪ سال بعد 10 آڪٽوبر 2021ع تي پنهنجي پهرين پٽ جي مير حاڪم محمود چوڌري جو استقبال ڪيو.
بختاور ڀٽو زرداري ۽ محمود وٽ 5 آڪٽوبر 2022ع تي ٻئي پٽ جي پيدائش ٿي جنهن جو نالو مير سجاول محمود چوڌري رکيو ويو.
ٻين پٽ جي سالگرهه تي بختاور انسٽاگرام تي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ سجاول کي ڪَڇَ ۾ کڻي پيار ڪري رهي آهي.
View this post on Instagram
ڄاڻايل وڊيو جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته سالگرهه مبارڪ هجي ۽ منهنجا سج مير سجاول، الله تنهنجي حفاظت فرمائي ۽ هدايت ڏئي.
بختاور مير سجاول جو انسٽاگرام اڪائونٽ به ٺاهيو آهي جنهن تي هوءَ ننڍڙي سجاول جون مختلف تصويرون شيئر ڪندي رهندي آهي ۽ ان اڪائونٽ تي آخري پوسٽ آصف علي زرداري جي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ڏوهٽي سجاول کي ڪَڇَ ۾ کڻي ويٺل آهي.
View this post on Instagram