رياض الجنه ۾ نماز جي پرمٽ حاصل ڪرڻ جو طريقو ڄاڻو

سعودي جي حج ۽ عمري واري وزارت مسجد نبوي صه ۾ رياض الجنه ۾ نماز جي پرمٽ حاصل ڪرڻ جو طريقو جاري ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب وزارت پنهنجي ايڪس (ٽوئيٽر) اڪائونٽ تي چيو آهي ته رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪرڻ جي پرمٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ”نسڪ“ ايپ ڊائونلوڊ ڪرڻي پوندي ۽ ان ۾ اڪائونٽ ٺاهي ان جي ذريعي ڪارروائي ڪرڻي پوندي.

وزارت ڌيان ڏياريو آهي ته نسڪ ايپ ۾ پنهنجي اڪائونٽ تي لاگ ان ڪرڻ کان پوءِ هيٺ بيان ڪيل قدم کنيا وڃن.

رياض الجنه ۾ نماز جي خاني جي چونڊ ڪريو.

ماڻهن، تاريخ ۽ وقت جو تعين

هدايتن جو مطالبو ۽ انهن جي منظوري ڏيو

ان کان پوءِ اوهان موڪلڻ جي آءِ ڪون کي ڪلڪ ڪريو جنهن کان پوءِ پرمٽ اوهان کي ايس ايم ايس جي صورت ۾ به ملندي ۽ نسڪ ايپ تي موجود هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.