ٻارن جو سمارٽ فون جو استعمال گيلپ سروي ۾ ڇرڪائيندڙ نتيجا

76  سيڪڙو پاڪستاني ٻارن تي سمارٽ فون جي اثرن کان آگاهه آهن، اها ڳالهه گيلپ سروي ۾ سامهون آئي آهي.

عوامي راءِ ڄاڻڻ جي حوالي سان مشهور اداري گيلپ پاڪستان سماجي روين تي نئين سروي جاري ڪئي آهي.

سروي موجب 76 سيڪڙو پاڪستان ٻارن تي سمارٽ فون جي هاڃيڪار اثرن کان آگاهه آهن ۽ هنن 5 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن کي سمارٽ فون بلڪل نه ڏيڻ جو چيو آهي.

گيلپ پاڪستان جي سروي ۾ 21 سيڪڙو اعتراف ڪيو آهي ته هنن جي گھر ۾ 5 سالن کان ننڍي عمر جا ٻار موبائل فون استعمال ڪندا آهن.

ان کان اڳ گيلپ سروي مان اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته هرپنجن مان هڪ پاڪستاني ٻار موبائل فون تي گيم کيڏڻ جو شوقين آهي.

سروي رپورٽ موجب 23 سيڪڙو ماڻهن موبائل فون تي باقاعدگي سان گيم کيڏڻ جو ٻڌايو هو جڏهن ته 76 سيڪڙو ان کان انڪار ڪيو هو.

انڪار ڪندڙ ماڻهن جو چوڻ هو ته موبائل فون تي گيم ناهن کيڏندا، مزو ناهي ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.