ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا حرا خان چيو آهي ته هن حرام تعلق کان بچڻ لاءِ شادي ڪئي.
اداڪارا تازو ئي مڙس ۽ اداڪار ارسلان خان سان گڏ خانگي ٽي وي چينل جي شرو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران اداڪارا شادي جهڙي مقدس رشتي بابت خدشن تي ڳالهايو.
حرا خان چيو ته جيڪڏهن اوهان سوچي رهيا آهيو ته اوهان نڪاح ڪندئو ته اوهان جو رزق رڪجي ويندو ته نٿو ٿي سگھي، ائين ٿي ئي نٿو سگهي ته اوهان جي زندگي ۾ ڪم جي حوالي سان رنڊڪ اچي.
اداڪارا چيو ته اسان کي شادي کان اڳ چيو ويو ته اوهان کي شادي کان پوءِ برانڊز نه کڻندا، اوهان جي اهميت تبديل ٿي ويندي ڇو جو ان کان پوءِ شادي شدهه چورائيندئو پر اهي سڀ شيون اسان لاءِ معنيٰ نه پيون رکن.
حرا خان جو چوڻ هو ته اسان سوچيو هو ته اسان شادي ان ڪري ڪئي جو اسان حرام تعلق کان بچڻ چاهيون پيا، ڀلي اُها مڱڻي ئي ڇو نه هجي، اسان هڪ مذهبي حق سان پنهنجي زندگي کي کڻي هلڻ چاهيون پيا، اسان کي يقين هو ته ان کان پوءِ ڪجهه به غلط نٿو ٿي سگھي ڇو جو اسان جي نيت صاف هئي.