اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي جيل ۾ ٽرائل ۽ ٽرائل ڪورٽ جي جج جي مقرريءَ جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست ٻن کان ٽن ڏينهن اندر فيصلو ٻڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين جي جلد فيصلي جي متفرق درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان وڪيل شير افضل مروت ايڊووڪيٽ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سائفر ڪيس جو جيل ٽرائل شروع ٿي چڪو آهي پر اسان جي درخواست تي فيصلو ناهي آيو، سومر تي وري جيل ۾ ٻڌڻي لاءِ سائفر ڪيس مقرر آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته جيل ٽرائل ۽ جج جي مقرريءَ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي فيصلو پهريان کان محفوظ آهي، سومر تائين نه پر ٻن ٽن ڏينهن اندر فيصلو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
چيف جسٽس عامر فاروق جو وڪيل شير افضل مروت سان مڪالمو ڪندي چوڻ هو ته هڪ ڳالهه ٻڌايو ميڊيا ۾ خبرون هلي رهيون آهن ته اڊيالا جيل منتقلي تي اوهان کي اعتراض آهي، اوهان جي پنهنجي پٽيشن اٽڪ کان اڊيالا جيل منتقلي جي هئي ۽ اِها منظور ٿي، پوءِ اِهو ميڊيا ۾ اوهان جي طران ايڏو بحث ڇو هلي رهيو آهي؟ .
شير افضل مروت ايڊووڪيٽ چي وته اسان جي طرفان آفيشل طور اهڙو ڪو بيان ناهي ڏنو ويو.
وڪيل شير افضل مروت چيو ته اسان کي اِها خبر هئي ته اڊيالا جيل ۾ بي ڪلاس ڏنو ويندو پر نه ڏنو ويو، جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته بهتر ڪلاس ملندو، کوسا صاحب جي ڪالهه واري پٽيشن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.