اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ سيٽ اَپ نگران حڪومت جي فيصلن کي تسليم ڪندو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته نگران حڪومت جي روز مره جي ڪمن تي قانون سازي ڪئي وئي ڇو ته ڪو مُلڪ ڇهه ست مهينا نگران سيٽ اَپ کي رڳو حاضري لڳائڻ تائين محدود نه ٿو ڪري سگهي، هيءَ حڪومت ٻه طرفن فيصلن، معيشت، نجڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر تي فيصلا ڪري سگهي ٿي، اليڪشن ايڪٽ ۾ روز جي ڪمن تي قانون سازي ڪئي انڪري ايندڙ سيٽ نگران حڪومت جي فيصلن کي تسليم ڪندو.
اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي ضمانت لاءِ اپلاءِ ڪنداسين، مون ثاقب نثار کان حفاظتي شمانت وٺڻ کان انڪار ڪندي واضح ڪيو هو ته اوهان اسان سان زيادتي ڪئي ۽ پاسپورٽ ڪئنسل ڪيو.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته سپٽيمبر 2022ع ۾ اچي چيو هو ته ڊالر جي قيمت ٻه سئو کان گهٽ هوندي، هن وقت ڊالر جي حقيقي ويليو اڍائي سئو رُپيا آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ڪا به قوت مون کي ناڪام ڏسڻ نه پئي چاهي، 2017ع کان پاڪستان اڳتي وڌي رهيو هو، ساڍن ٽن سالن دوران اسان پاڪستان کي ايشيا ۾ اڳتي آندو.
هن چيو ته جيڪڏهن ڌرڻو نه لڳي ها ته مُلڪي معيشت وڌيڪ بهتر هجي ها، پاڪستان پنج سالن ۾ پاناما ڊرامي سبب 47 هين اڪانومي بڻجي ويو، سڀني کي گڏجي پاڪستان کي هاڻي جي ٽوئنٽي جو ميمبر بڻائڻ لاءِ پتوڙڻ گهرجي.