”ٻين کي فالو ڪرڻ بدران پنهنجي طريقي سان کيڏندا آهيون ۽ ورلڊ ڪپ کٽينداسين“

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر چيو آهي ته اسان جو بالنگ اٽيڪ دنيا ۾ بهترين آهي، جيڪڏهن اسان رنسون ٺاهيون ته بالر دفاع ڪري سگهن ٿا، اسان جو کيڏڻ جو طريقو پنهنجو آهي، جنهن کي پاڪستان وي چوندا آهيون.
راجيو گانڌي اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مڪي آرٿر چيو ته اسان انهن نوجوان ڇوڪرن سان 2019 ۾ گهڻو ويجهو پهچي چڪا هئاسين، هاڻ اهي رانديگر تجربي ڪار ٿي چڪا آهن، چئن سالن ۾ انهن گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي آهي، انهن 4 سالن ۾ اسان جو ون ڊي ۾ ڪاميابين جو بهترين رڪارڊ آهي.
هن چيو ته پهرين ميچ لاءِ فائنل اليون تيار آهي، وڪيٽ ڏسڻ ۾ سٺي لڳي رهي آهي، اسان کي وارم اپ ميچ ۾ به سٺيون وڪيٽون مليون آهن، مون کي لڳي ٿو ته اسان جو بالنگ اٽيڪ دنيا ۾ بهترين آهي، جيڪڏهن اسان رنسون ٺاهيون سين ته بالر دفاع ڪري سگهن ٿا، اسان جا رانديگر به آسٽريليا ۽ انگلينڊ جو ڪرڪيٽ برانڊ فالو ڪري سگهن ٿا پر اسان پنهنجي طريقي سان کيڏندا آهيون، جنهن کي پاڪستان وي چوندا آهيون، اسان ان ئي طريقي سان ورلڊ ڪپ به کٽينداسين.
سندس چوڻ هو ته فارم ا چڻي وڃڻي آهي پر ڇوڪرن جي صلاحيت تي ڪو شڪ ناهي، اميد ته اهي سڀاڻي کان فارم ۾ اچي ويندا، شاداب جي فارم بابت ڳڻتي ناهي، هو به جلد فارم ۾ اچي ويندو، شاداب بهترين آل رائونڊر آهي، جڏهن ته اسان جي بيٽنگ رڳو بابر ۽ رضوان جي آسري ناهي، اسان وٽ امام سميت ڪيترائي باصلاحيت بيٽر آهن، سعود شڪيل ۽ فخر زمان به ڪوالٽي بيٽر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.