ڪراچي جي سڀ کان وڏي گٽڪا فيڪٽري پڪڙي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس آپريشن دوران شهر جي سڀ کان وڏي گٽڪا فيڪٽري پڪڙي ورتي.
ڪراچي جي علائقي پراڻي گوليمار ۾ ڏوهارين جي ڳولا ۾ پوليس آپريشن ڪيو.
پوليس موجب آپريشن دوران سڄي علائقي جو گهيرو ڪري گهر گهر تلاشي ورتي وئي، ان دوران ڪراچي جي سڀ کان وڏي گٽڪا فيڪٽري پڪڙي وئي.
پوليس ٻڌايو ته گٽڪا فيڪٽري مان تيار ڪيل گٽڪو، سوپاريون، تماڪ، پيڪنگ جو سامان ۽ مشينون برآمد ڪيون ويون.
پوليس موجب پراڻي گوليمار ۾ منشيات جي ٽن وڏن اڏن تي ڇاپا هنيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.