پاڪستان مان 212 شيون افغانستان کڻي وڃڻ تي پابندي لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ذريعي 212 شيون افغانستان کڻي وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي، جن ۾ ٽائر، چانهه جي پتي، ڪاسميٽڪس، بادام، تازا ميوا، ريفريجريٽر وغيرا شامل آهن.
واپار واري وزارت افغان ٽرانزٽ ٽريڊ تحت پاڪستان مان 212 شيون افغانستان کڻي وڃڻ تي پابندي لڳائي آهي.
ان حوالي سان ايف بي آر، ايس آر او جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شيون افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ تحت افغانستان کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.
جن شين تي پابندي هنئي وئي آهي، انهن ۾ ڪپڙا جا 17 قسم شامل آهن، جڏهن ته هر قسم جي ٽائرن ۽ ٽن قسمن جي چانهه جي پتي تي پابندي هوندي.
هر قسم جي ڪاسميٽڪس ۽ ٽوائلٽ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيترن ئي قسمن جي شين تي به پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته بادام، تازا ميوا، ريفريجريٽر، ايئر ڪنڊيشنز، جوسر ۽ مڪسر بلينڊر سميت ٻيون شيون به افغانستان کڻي وڃڻ تي پابندي هوندي.
پورٽس تي پيل سامان ۽ عالمي امداد ذريعي ايندڙ شيون کڻي وڃڻ تي پابندي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.