ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تي اندروني ۽ ٻاهرئين قرضن جو بار 64 هزار ارب رپين تائين وڃي پهتو.
اسٽيٽ بئنڪ وفاقي حڪومت طرفان قرض وٺڻ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب هر شهري ٻن لکن کان وڌيڪ قرض جي بار هيٺ دٻجي ويو آهي، ملڪ جو هر شهري اڍائي لکن جو قرضي آهي.
وفاقي حڪومت آگسٽ 2023 ۾ ٻه هزار 218 ارب رپين جا نوان قرض ورتا هئا، پاڪستان تي مقامي قرضن جو ڪاٿو 24 سيڪڙو وڌي 39792 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي.
ملڪ تي ٻاهرئين قرضن جو بار 39 سيڪڙو وڌي 24 هزار 175 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي.
Prev Post
Next Post
You might also like