چاغي ۾ پاڪ – افغان سرحدي علائقي ۾ بم ڌماڪو، ٻه ڄڻا مارجي ويا

چاغي (ويب ڊيسڪ) چاغي ضلعي جي چاغي بازار ۾ روڊ ڪناري بم ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا.
ليويز اختيارين موجب دالبندين کان 60 ڪلو ميٽر پري پاڪ – افغان سرحدي علائقي ۾ موجود چاغي بازار ۾ روڊ ڪناري لڳل بارودي مواد ڦاٽڻ سان ان وقت ڌماڪو ٿيو، جڏهن اتان هڪ گاڏي گذري رهي هئي.
ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.
زخمين کي طبي امداد لاءِ دالبندين اسپتال نيو ويو، جڏهن ته ليويز ۽ ايف سي علائقي جو گهيرو ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.