پ پ چئني صوبن مان ڪلين سوئيپ ڪندي ۽ بلاول وزيراعظم ٿيندو: شرجيل ميمڻ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪير ڪيتريون به دعوائون ڪري بلاول کي وزيراعظم بڻائي رهنداسين.
پشاور ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته عام چونڊن ۾ پ پ چئني صوبن مان ڪلين سوئيپ ڪندي، عوام وٽ مسئلن مان نڪرڻ لاءِ پ پ کانسواءِ ڪا چوائس ناهي.
هن چيو ته اسان کي هاڪاري سوچ رکڻ گهرجي، سڀني کي اندازو آهي ته ملڪ ۾ ڪهڙي قسم جي سياست ٿيندي آهي، ماضي ۾ پ پ جي دور ۾ ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آئي، پ پ پرامن طريقي سان جدوجهد ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته آصف زرداري اڪيلو ليڊر آهي، جيڪو سياستدانن کي هڪ ميز تي ويهاري سگهي ٿو، بلاول پاڪستان جا ٻين ملڪن سان لاڳاپا بحال ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.