9 مئي حملن جو مقصد آرمي چيف کي هٽائڻ هو، منصوبابندي عمران خان ڪئي: عثمان ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار پي ٽي آءِ ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئن کي انٽرويو ۾ عثمان ڊار چيو ته 9 مئي حملن جو مقصد فوج تي دٻاءُ وجهي آرمي چيف جنرل عاصم منير کي عهدي تان هٽائڻ هو، پارٽي جي موجوده صورتحال جو ذميوار چيئرمين پاڻ آهي.
هن چيو ته 9 مئي واقعن جو منصوبو زمان پارڪ ۾ ٺاهيو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين فوج سان ٽڪراءَ جي پاليسي جي قيادت ڪئي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري جي صورت ۾ حساس ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي، حساس ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ جي هدايت پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ ڏني.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ کي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ ڪارڪنن جي ذهن سازي ڪئي، ڪارڪنن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو ويو، تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ جنرل عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري روڪرائڻ لاءِ ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.