اوپو اي سيريز جو نئون فون متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ”اوپو، پنهنجي مشهور اي سيريز جو نئون فون متعارف ڪرائي ڇڏيو، پر واهپيدار ان کي مهانگو قرار ڏئي رهيا آهن.
ڪمپني ”اوپو: اي 18“ کي متعارف ڪرايو آهي، جنهن جي اسڪرين 6.5 انچ رکي وئي آهي جڏهن ته ڪمپني جي دعويٰ آهي ته اسڪرين ريشو کي وڌائي ان ۾ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو ويو آهي.
”اوپو:اي 18“ جي بيڪ تي ٻه جڏهن ته فرنٽ تي هڪ ڪيمرا ڏني وئي آهي، جنهن جي ڪري واهپيدار فون مان مايوس به نظر آيا.
اوپو کي بهترين ڪيمرا وارو فون قرار ڏنو ويندو آهي پر حيران ڪندڙ طور تي ڪمپني نئين متعارف ڪرايل فون جي بيڪ تي رڳو ٻه ڪيمراز ڏنيون آهن.
فون جي بيڪ تي مين ڪيمرا 8 جڏهن ته ٻي ٻه ميگا پڪسل جي ڏني وئي آهي.
اهڙيءَ طرح اوپو اي 18 جي فرنٽ تي 5 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي، پر ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ڪيمرا ٽيڪنالوجي کي وڌيڪ اپگريڊ ڪيو ويو آهي.
فون ۾ فنگر پرنٽ سينسر به ڏنو ويو آهي جڏهن ته ان کي 5 هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ 29 هزار فاسٽ چارجر سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
فون کي اينڊرائڊ 13 جي آپريٽنگ سسٽم ۽ ميڊيا ٽيڪ هيليو جي چپ سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
اوپو اي 18 کي 4 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري سان متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ فوري طور تي ان کي رڳو گڏيل عرب امارتن (يو اي اِي) ۾ پيش ڪيو ويو آهي، پر جلد ان کي پاڪستان سوڌو ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرايو ويندو.
جيتوڻيڪ فوري طور تي ڪمپني فون جي قيمت جو اعلان ناهي ڪيو، پر امڪان آهي ته ان جي پاڪستان ۾ قيمت 48 هزار کان 50 هزار رپين تائين هوندي.
واهپيدارن طرفان خاصيتون ۽ ڪيمرا ٽيڪنالوجي جي حوالي سان مهانگو قرار ڏنو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.