ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت مقابلي واري هنڌ دهشتگردي جو خطرو!

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا آءِ سي سي ورلڊ ڪپ دوران احمد آباد شهر ۾ ٿيندڙ ميچن دوران دهشتگردي جو خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽ جو عالمي ميلو چئن سالن کانپوءِ سڀاڻي کان ڀارت ۾ لڳي رهيو آهي، جتي دنيا جون 10 بهترين ٽيمون ٽرافي لاءِ ننهن چوٽي جو زور ڏينديون پر ورلڊ ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪري رهي آهي ته احمد آباد ۾ ٿيندڙ ميچن دوران دهشتگردي جو خطرو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته احمد آباد ۾ ٿيندڙ ميچن ۾ دهشتگردن طرفان حملن جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، جنهن کانپوءِ اسٽيڊيم ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب احمد آباد اسٽيڊيم ۽ ڀرپاسي ۾ 13 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته ميچن دوران اسٽيڊيم ويندڙ روڊ مڪمل طور تي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته احمد آباد اسٽيڊيم ۾ ميچ دوران موبائل فون کانسواءِ ڪا شئي اندر کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي.
واضح رهي ته احمد آباد ۾ ورلڊ ڪپ جي افتتاحي ميچ کانسواءِ پاڪ – ڀارت ميچ سميت ڪُل 5 ميچن شيڊيول آهن، جڏهن ته ميگا ايونٽ جو فائنل به احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي ميچ 14 آڪٽوبر تي احمد آباد اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.