عرفي جاويد جي مڱڻي جا افواهه

پنهنجي بولڊ فيشن سبب مشهور ڀارتي اداڪارا عرفي جاويد جي مڱڻي جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا.
سوشل ميڊيا تي عرفي جاويد جون تصويرون وائرل ٿي رهيون آهي، جن ۾ هوءَ هڪ شخص سان گڏ پوجا ڪندي نظر اچي رهي آهي پر مداحن کي لڳي ٿو ته عرفي ڳجھي طور مڱڻو ڪري ڇڏيو آهي.
ڄاڻايل تصوير ۾ نوجوان جو مُنهن نظر نه پيو اچي پر اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته عرفي جاويد هندو رسمن موجب ان هندو نوجوان سان مڱڻو ڪيو آهي.
عرفي جاويد سدائين هر موضوع تي کليل نموني ڳالهائيندي آهي پر ان معاملي تي هوءَ اڃا تائين چُپ آهي.
هوڏانهن عرفي جي ڀيڻ اروسا به پنهنجي انسٽاگرام تي جوڙي جي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي آهي، جنهن سان ڪيترن ئي ماڻهن جو شڪ يقين ۾ تبديل ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.