پاڪستان ٻي وارم اپ ميچ به هارائي ويو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي وارم اپ مقابلن ۾ پاڪستان ٻي ميچ به هارائي ويو، گرين شرٽس کي آسٽريليا 14 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
حيدرآباد ۾ اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي آسٽريليا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 351 رنسون ٺاهيون، ميڪسويل 77، ڪيمرون گرين 50، وارنر 48، لبوشين 40 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان اسامه مير 2، حارث رئوف، محمد وسيم، شاداب خان ۽ محمد نواز هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 47.4 اوورن ۾ 337 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
بابر اعظم 90 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي رٽائرڊ هرٽ ٿيو، افتخار احمد 83 رنسن جي اننگز کيڏي.
آسٽريليا طرفان لبوشين 3، مچل مارش ۽ پيٽ ڪمنز 2-2، جڏهن ته ميڪسويل ۽ سين ايبٽ هڪ – هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.