وائس ايڊمرل نويد اشرف سامونڊي فوج جو نئون سربراهه مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وائس ايڊمرل نويد اشرف کي سامونڊي فوج جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي.

سامونڊي فوج جي ترجمان موجب، وائس ايڊمرل نويد اشرف کي ست آڪٽوبر 2023ع تي ايڊمرل جي عهدي تي ترقي ڏني ويندي ۽ ڪمانڊ تبديلي واري تقريب به ساڳي ئي ڏينهن تي اسلام آباد ۾ ٿيندي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته وائس ايڊمرل نويد اشرف 1989ع ۾ سامونڊي فوج جي آپريشنز برانچ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي، هو اهم ڪمانڊ ۽ اسٽاف عهدن تي ڪم ڪرڻ جو وسيع تجربو رکي ٿو.

ترجمان موجب، وائس ايڊمرل نويد اسڙف هن وقت نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ چيف آف اسٽاف طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، کيس هلالِ امتياز ( ملٽري) ۽ تمغه بسالت سان نوازيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.