فيض آباد ۾ جن ماڻهن ڌرڻي وارن کي ويهاريو اهي ئي ضامن هئا: خواجا آصف

سيالڪوٽ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته فيض آباد ۾ جن ماڻهن ڌرڻي وارن کي ويهاريو هو اِهي ئي ضامن هئا.

هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته طالبان وڏي انگ ۾ سوات ۽ فاٽا ۾ موجود آهن، انهن ماڻهن اتي رهايو ويو، جنهن سبب دهشتگردي جا واقعا پيش آيا.

خواجا آصف چيو ته چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون.

فيض آباد ڌرڻي بابت خواجا آصف جو چوڻ هو ته فيض آباد ڌرڻي ۾ فيض حميد معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اصرار ڪيو، جن ماڻهن ڌرڻي وارن کي ويهاريو اِهي ئي ضامن هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.